ٿر جي ٻولي

ٿر جي ٻولي

ٿر جي ٻولي

ٿر جي ٻولي (ڪتاب ):هي ڪتاب ٿر جي ٻوليءَ بابت لکيو ويو آهي، جنهن ۾ ڍاٽڪي، پارڪري، سوڍڪي محاورن تي بحث ڪيو ويو آهي، ان کان سواءِ ٿر جي پهاڪن ۽ چوڻين تي به اهم معلومات آهي. هي ڪتاب ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي ۽ هدايت پريم لکيو آهي ۽ سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ پاران جنوري 1994ع ۾ شايع ڪيو ويو، ڪچي جلد ۾ 144 صفحن تي مشتمل هن ڊيمي سائيز ڪتاب جي قيمت 40 روپيا آهي. سنڌي ٻولي اٿارٽيءَ جي هڪ جامع رٿا هيٺ، سنڌ ۾، جدا جدا ڀاڱن ۾ ڳالهائجندڙ سنڌي ٻوليءَ جي لهجن جي اڀياس ۾ ”ٿر“ واري علائقي جي ٻوليءَ بابت هيءُ ڪتاب لکيل آهي. هيءُ ڪتاب ڇهن بابن تي مشتمل آهي. پنجن بابن ۾ ٿر جي مختلف محاورن ۽ ڍاٽڪي، پارڪري، سوڍڪي ۽ ٿريءَ کي سهيڙيو ويو آهي. ڇهين باب ۾ انهن خطن جا پهاڪا، چوڻيون ۽ اصطلاح وغيره ڏنا ويا آهن. ان کان سواءِ آخر ۾ ٽي ضميما به ڏنل آهن، جن ۾ ٿر جا چونڊ لفظ، گريئرسن جي ڪتاب ۾ ڏنل ڍاٽڪي ٻوليءَ جا ٻه نمونا ۽ شاهه جي رسالي ۾ سر ڍول ماروءَ جا بيت ۽ وايون ڏنل آهن.


لفظ ٿر جي ٻوليھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو